امير بخش ڪلهوڙو

امير بخش ڪلهوڙو

امير بخش ڪلهوڙو

امير بخش ڪلهوڙو: ’ميان نصير محمد ميان يار محمد تاريخي ثقافتي يادگار ڪميٽي سنڌ‘ جو چيئرمين ميان امير بخش ڪلهوڙو ولد ميان محمد نواز ڪلهوڙو پهرين مئي 1959ع تي خان پور تعلقي خيرپروناٿن شاهه ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جي تعليم خانپور ۾ 1967ع ۽ 1978ع ۾ حاصل ڪئي. انٽر 1981ع ۽ بي.اي 1985ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيائين. ميان امير بخش ڪلهوڙي عملي زندگيءَ جي شروعات 1981ع ۾ دادو شگرمل ۾ سپروائيزر جي نوڪريءَ سان ڪئي. 2007ع ۾ دادو شگرمل جي بند ٿيڻ کانپوءِ ملازمن کي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ضم ڪيو ويو ته کيس فوڊ انسپيڪٽر طور مقرر ڪيو ويو ۽ هو هن وقت خيرپورناٿن شاهه ۾ انهيءَ عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ميان امير بخش ڪلهوڙي جو آثار قديمه سان جنون جي حد تائين عشق آهي. کيس خانداني طور ’ڪلهوڙا دور‘ سان وڏي انسيت آهي. هن دادو ضلعي ۾ ڪلهوڙا گهراڻي سان تعلق رکندڙ حڪمرانن سميت سندن جنگي جرنيلن، رفيقن ۽ ساٿين جي مزارن، مقبرن ۽ ٻين تاريخي آثارن جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي هم خيال دوستن-ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ڊاڪٽر لياقت مگسي ۽ عزيز ڪنگراڻيءَ سان گڏجي ’ميان نصير محمد- ميان يار محمد ڪلهوڙو تاريخي ثقافتي يادگار ڪميٽي‘ جو بنياد رکيو ۽ هن ثقافتي اداري جي پليٽفارم تان دوستن سان گڏجي هر سال تاريخي ڏهاڙا، ثقافتي ميلا، ادبي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائڻ لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. سندس ڪوششن سان 12 نومبر 2006ع تي ’ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي تاريخ ساز شخصيت‘ عنوان تي هڪ وڏو سيمينار ڳاڙهيءَ، تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ منعقد ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. ان سيمينار ۾ عالمن پيپر پڙهيا ۽ پڙهندڙن ۾ ميان امير بخش ڪلهوڙو به شامل هو. ميان امير بخش ڪلهوڙي جي جاکوڙ ۽ محنت سان هن ثقافتي اداري جي قيام کان اڳ 1978ع ۾ ’ميان نصير محمد ڪلهوڙو- تاريخ ساز شخصيت ۽ ان جي جنگي حڪمت عملي‘ جي عنوان سان هڪ وڏو سيمينار ڪرايو هو، جنهن جي صدارت نامور محقق تاج صحرائي ڪئي هئي. ان کان سواءِ ڳاڙهيءَ جي تاريخي قبرستان ۾ مدفون تاريخ ساز شخصيتن جي ابدي آرامگاهن جي مرمت لاءِ هو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪندو آهي. سندس جاکوڙ سان ڪجهه سال اڳ اينٽيڪيوٽي ڊپارٽمينٽ پاران هن قبرستان جي تاريخي مقبرن ۽ آثارن جي مرمت جو ڪم شروع ڪرايو هو. ميان امير بخش ڪلهوڙو گذريل ڪجهه عرصي کان حيدرآباد جي علائقي ’سحرش نگر‘ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ امير بخش ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.05.01  عيسوي

امير بخش ڪلهوڙو ولد ميان محمد نواز ڪلهوڙو پهرين مئي 1959ع تي خان پور تعلقي خيرپروناٿن شاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر اَرد شير هرمسجي
پليجو عبدالرحمان
الهورايو نظاماڻي
ڪلال
امير پير
اياز عالم ابڙو
شيخ دائود استاد
سيد محمد وريل شاهه سبزواري
پروانو سيوهاڻي
ڀڳت پيسو رام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون